شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور واسي نوجوان ٽن ڏينهن کان پراسر نموني گم، وارث پريشان، شھر جي جٽيا پاڙي جو رهواسي 20 ورهين جو اڪرام بيگ گهران نڪرڻ بعد پراسرار  نموني گم ٿي ويو، نوجوان جي والد سليم بيگ ٻڌايو ته سندس پٽ خميس ڏينهن سومهڻي جي نماز پڙھڻ لاءِ گهران نڪتو ته واپس ناهي آيو، هن چيو ته پٽ جي دوستن توڙي مٽن مائٽن وٽ ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿي به ڏس پتو نه پيو پئي، هن مطالبو ڪيو ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي،