شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور لڳ چانهه دير سان ملڻ تي ڀاءُ هٿان نوجوان ڀيڻ گوليون هڻي قتل، جوابدار گرفتار، ڪارنهن الزام هيٺ قتل جا چوٻول، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ خميسو بروهي ۾ جوابدار عيسيٰ بروهي چانهه دير سان ٺاهي ڏيڻ تان مڇرجي 19 ورهين جي ڀيڻ ناز بانو ڌيءُ يار محمد بروهي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، مقتول ناري جو لاش سِمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، پوليس موجب جوابدار عيسيٰ بروهي جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ڪنواري ڀيڻ کي چانهه دير سان ڏيڻ تان فائرنگ ڪري قتل ڪيو، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري کي ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ قتل ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.