شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي سمس اسپتال ۾ تالا ٽوڙي زبردستي او پي ڊي کولرائڻ وارو معاملو، ڊائريڪٽر پاران ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل، عدالت پاران ڪمپلين سيل کان رپورٽ طلب، خبر موجب شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال جي ڊائريڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻي وچ ۾ ڊيوٽي واري معاملي تان ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، ڊائريڪٽر سِمس عبدالله ڪامران سومرو تالا ٽوڙي زبردستي او پي ڊي کولرائڻ واري معاملي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ڪالھه ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ ٿيل ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته جاويد ميمڻ، راهب، پوڙهو ڏاهري ۽ ٻيا جوابدار اسپتال جي سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ڪن ٿا، 9 جنوري تي جوابدارن ڊاڪٽر صائمه قاضي ۽ او ٽي سليم لغاري جي چوڻ تي هٿيارن جي زور تي اسپتال جي بند پيل او پي ڊي جا تالا ٽوڙي زبردستي او پي ڊي کولرائي، منع ڪرڻ تي منهن ماري ڪئي وئي، ڊائريڪٽر موجب واقعي بابت بروقت ايس ايچ او کي اطلاع ڪيو پر ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي، ايف آءِ آر لاءِ ايس ايس پي سانگهڙ کي عرض ڪيو ان باوجود پوليس ڪو به تعاون نه ڪيو، ڊائريڪٽر سِمس عدالت کي استدعا ڪئي ته اسپتال جي سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ڪندڙ ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي، عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڊي ايس پي ڪمپلين سيل سانگهڙ کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.