شھباز گل کي دل جي تڪليف ڪونھي، اُن جي صحت تسلي بخش آھي: پمز اسپتال

0
360

اسلام آباد: اسلام آباد جي پمز اسپتال پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شھباز گل جي صحت تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آھي تھ اُن کي دل جي تڪليف ڪونھي

بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي نئين ميڊيڪل رپورٽ اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آھي

ان سلسلي ۾  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 4 سينيئر ڊاڪٽرز شهباز گِل جو طبي معائنو ڪيو، شهباز گِل کي ننڍپڻ کان ساهه کڻڻ ۾ مسئلو ٿيندو آهي، هو ڳاٽي ۽ ڇاتي ۾ سور محسوس ڪري رهيو آهي، کيس اي سي جي فوري ضرورت هوندي آهي

رپورٽ موجب شهباز گِل کي وڌيڪ طبي معائني جي ضرورت پئجي سگهي ٿي، ايڪسري سميت رت ۽ دل جي ٽيسٽ ڪرائڻ ضروري آهي، شهباز گِل کي گذريل رات ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اڊيالا جيل مان پمز اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ منتقل ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

شهبازگل تي مبينا تشدد خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل