شڪيرا مداحن جو انتظار ختم ڪري ڇڏيو

0
415

ڪيپ ٽائون (شوبز نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ 2010 جو جڳ مشهور آفيشل گانو ڳائڻ واري ڪولمبيا جي گلوڪارا شڪيرا پنهنجي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.شڪيرا پنهنجي نئين ميوزڪ ويڊيو ”ڊونٽ ويٽ اپ“ رليز ڪري ڇڏي، جنهن جو سندس مداحن کي وڏي عرصي کان بيچيني سان انتظار هو.شڪيرا ٽوئيٽر تي پنهنجي يوٽيوب ويڊيو جي لنڪ شيئر ڪندي اها خوشخبري پنهنجي مداحن کي ٻڌائي.هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ڊونٽ ويٽ اپ جي شوٽنگ جي لاءِ سڄي رات ڊانس ۽ سرفنگ ڪرڻ ۾ تمام گهڻو مزو آهي، انهن سڀني جي مهرباني، جن اها ويڊيو ٺاهڻ ۾ محنت ڪئي آهي.گلوڪارا وڌيڪ لکيو ته مونکي يقين آهي ته ڏسندڙن کي به ايترو ئي مزو ايندو جيترو اسان سڀني کي ان کي ٺاهڻ ۾ آيو.شڪيرا جي ان ويڊيو کي يوٽيوب تي رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ 40 لک کان مٿي ماڻهو ڏسي چڪا آهن.