شڪست جو ڊپ يا ٻِي پلاننگ؟، پ پ ۽ ن ليگ پنجاب ۾ ننڍي چونڊ گڏجي وڙهڻ تي متفق

0
213
حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني

پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پنجاب ۾ ننڍي چونڊ گڏجي وڙهڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ، صوبائي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو  ته، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ننڍي چونڊ گڏيل طور تي وڙهندي، پ پ جي حمايت سان تڪن ۾ نواز ليگ جي پوزيشن بهتر ٿيندي، پ پ حمايت جي خاطرائي ڪرائي آهي

هُن چيو ته، پيپلز پارٽي هر تڪ تي نواز ليگ جي حمايت ڪندي، سندن اُميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺندا. گورننس بابت هڪٻئي سان مشاورت جو عمل اڳتي وڌائينداسين

پ پ اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو ته پيپلز پارٽي نواز ليگ ۾ ضم نه پئي ٿئي، عام چونڊن ۾ هڪٻئي جي سامهون اُميدوار آڻينداسين

هُن چيو ته ، مهانگائي عمران خان جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ عوام کي رليف به ڏئي رهي آهي