شڪاپور ( ن پ ا ) اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد شھر جي الله آباد ڪالوني ۾ ڪچرو ڦٽي ڪرڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ واٽھڙو عورت مارجي وئي، شيخ ۽ شر برداري ڌريون وچ ۾ فائرنگ ۾ 30 ورهين جي صائما جکرو زخمي ٿي پئي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، پوليس موجب واقعو معمولي ڳالهه تان پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي