شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد اناج منڊي واري علائقي مان ٻن پيرسنن جا لاش ھٿ آيا، شهرين جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش آر بي يو ٽي سول اسپتال پهچايو،جتي ھڪ پيرسن جي سڃاڻپ سارنگ شر واسي عبدالڪريم شر جي نالي سان ڪئي وئي، ٻئي پيرسن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي.پوليس موجب ھڪ لاش پاڻي جي تلاءَ ۽ ھڪ روڊ جي پاسي ۾ پيل مليو، جانچ ڪريون پيا پيرسن جي لاش جي سڃاڻپ لاءِ نادرا کان مدد ورتي ويندي، ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين ھڪ پيرسن جي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ھو جڏھن ته ٻئي جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي ھئي ۽ لاش آر بي يو ٽي اسپتال جي مردا خاني ۾ پيل ھو.