شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش سومرو جي 34 هين ورسي ملهائي وئي.افتخار سومرو پنهنجي والد جي ”ساعت سراءِ سومرا“ تي منعقد ٿيل 34 هين ورسيءَ کي خطاب ڪندي چيو ته مونکي بابا سياست ۾ اچڻ جو چيو هو، ڪوشش ڪئي، ڪامياب نه ٿي سگهيس. هن چيو ته سياست خراب ناهي پر سياست جي آڙ ۾ عوام سان جيڪو دوکو ٿيندو آھي، تنهن 81 سيڪڙو ماڻھن جو سياست تان روح ئي کڻائي ڇڏيو آھي. اديب ۽ صحافي ممتاز بخاريءَ چيو ته الله بخش ۽ مولابخش جي سياست جو ڇيد الڳ آھي، الله بخش برطانوي راڄ سان ٽڪر کاڌو هو، گڏيل هندستان جو حامي هو، اڄ جي جيئرو هجي ها ته شڪارپور ، سنڌ ۽ بري صغير جي حالت ئي بدليل هجي ها پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي دل ۾ ڌڙڪندڙ سومرا خاندان اقتدار جي طابع بڻيو رهيو، ڪالمسٽ نسيم بخاري چيو ته الله بخش جي شهادت کان پوءِ سومرن درباري سياست شروع ڪئي،بدقسمتي آھي سومرا خاندان عوامي مسئلن کان لا تعلق ٿي، خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندو آھي.تقريب کي ليکڪ خادم سومرو، زبير سومرو ۽ حاجي مولا بخش سومرو جي نياڻيءَ آپا امتياز پڻ خطاب ڪيو.