شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل  ٻن پورھيتن جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، ان ڏس ۾  گذريل ڏينھن شڪارپور شھر جي اسٽور گنج ٿاڻي جي گول مارڪيٽ وٽ موٽرسائيڪل سوار نامعلوم ھٿيار بند ھٿان قتل ٿي ويل ھوٽل تي ڪم ڪندڙ پورھيت محمد حسن پنھيار عرف مشڪي ۽ نصرالله جعفري جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،  واقعي کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود مقتولن جا قتل ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي، ان حوالي سان اسٽورٽ گنج پوليس موجب ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڪوشش ڪري رھيا آھيون، واقعي بابت جاچ به ھلندڙ آھي، قتل ٿي ويل ٻنھي ڄڻن جي وارثن سان رابطو به ڪيو ويو آھي، مقتولن جي وارثن موجب ھو پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪري پوءِ ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا.ياد رھي ته گذريل ڏينھن شڪارپور جي گول مارڪيٽ وٽ نامعلوم موٽر سائيڪل هٿياربندن فائرنگ ڪري هوٽل تي ڪم ڪندڙ پورهيت محمد حسن عرف مشڪي پنهيار کي گوليون هنيون گوليون لڳڻ سبب   موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته اتي ويٺل نصر الله جعفري ۽ شاهه بخش شر زخمي ٿي پيا، جن کي ڀرپاسي جي ماڻھن کڻي آر بي يو ٽي سول اسپتال پھچايو جتان زخمي نصر الله جعفري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جيڪو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو ھو.