شڪارپور ۾ شهيد قيوم منگي جي 23هين ورسي تي ڀيٽا

0
306

شڪارپور: شهيد قيوم منگيءَ جي 23هين ورسي شڪارپور ۾ ملهائي پئي وڃي، جسقم سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي صدر پنهل ساريو، فقير امداد منگي اسد الله سومري جي اڳواڻي ۾ مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته شهيد قيوم منگي قوم تحريڪ جو باڪردار اڳواڻ هيو جنهن پنهنجي سياسي ساک ذريعي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي، اڄ سندس 23 ورسيء جي موقعي تي کيس قومي سلام پيش ڪيون ٿا.