شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) صوبائي وزير توانائي ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪاميٽي جي فوڪل پرسن امتياز احمد شيخ ضلعي اندر رليف بابت گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي ۽  پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته ريسڪيو جو ڪم ڪافي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آھي ھاڻي رليف جو مرحلو ھلندڙ آھي، ھن چيو ته پنجونجاھ يوسيز مان ڇٽيھه يوسيز ۾ راشن تقسيم ڪري چڪا آھيون، جڏھن ته تعليمي سلسلي کي جاري رکڻ لاء ھر تعلقي ۾سئو ٽينٽن تي مشتمل ٽينٽ سٽي قائم ڪري رھيا آھيون، ھن چيو ته ٻين  ضلعن جي ڀيٽ ۾ شڪارپور ۾ رليف جو ڪم وڌيڪ بھتر ٿيو آھي ء لاڙڪاڻي سميت ٻيا ضلعا به شڪارپور جي رليف جو طريقه ڪار اختيار ڪري رھيا آھن، گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر چيو ته ھيل تائين ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ، پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثرن جي بحالي لاءِ امداد ڪري رھيا آھيون جنھن تحت ضلعي جي پنجاھ ھزار کان وڌيڪ متاثرن ۾ پڪل کاڌو، ٽينٽ، ترپالون ۽ راشن تقسيم ڪيو ويو آھي، ھن انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته چار لک کان وڌيڪ ماڻھون متاثر ٿيا ء ھڪ لک ماڻھون روڊن ء ڪيمپن ۾ منتقل ٿيا، ٽياسي ماڻھو  فوت ٿيا، چوٽيھ ھزار گھرن کي نقصان پھتو، ھن چيو ته ٽيھ ھزار ماڻھن کي راشن ڏيئي پنھنجي ڳوٺ روانو ڪيو آھي جڏھن ته چوويھ ھزار ماڻھو اڃا ڪيمپن ۾ مقيم آھن، ھن ٻڌايو ته ضلعي ۾ ٻه سئو ڇٽيھ رليف ڪيمپون ء ستٽيھ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ھيون، ڪافي يوسيز ۽ شھرن مان پاڻي نيڪال ٿي چڪو آھي جڏھن ته خانپور جي ڪجھ يوسيز، جاڳڻ، جھانواھ،  سلطان  ڪوٽ ھمايون ۽ ڳڙھي ياسين جي ڪجھ يوسيز ۾ برساتي پاڻي موجود آھي، ڊپٽي ڪمشنر پاران انگ اکر پڌرا ڪرڻ بعد سول سوسائٽي ۽ اپوزيشن پاران حيرت جو اظهار ڪيو ويو،  شڪارپور بچايو تحريڪ جي سڏ تي  ضلعي جي  سياسي، سماجي ۽ مذھبي پارٽين پاران شڪارپور ضلعي اندر صوبائي انتظاميا خلاف ريليف جي ڪمن ۽ جعلي انگ اکر  ڊي سي پاران جاري ڪرڻ خلاف (اڄ) رستم چوڪ کان ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.