شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾ نيشنل بئنڪ جي ملازم جوابدار نياز ميراڻي کي پيش ڪيو ويو، عدالت پاران 20 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ گواھ پيش نہ ٿيڻ سبب ٻڌڻي 21 تاريخ تي رکي وئي، جوابدار نياز ميراڻي سميت 4 ڄڻن مٿان جيڪب آباد ۾ 8 سال اڳ ڊاڪٽر عبداللطيف مائري کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، ڪراچي جي سائوٿ سٽي پوليس پاران جيڪب آباد جي ڊاڪٽر عبداللطيف مائري کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾  جوابدار ڄاڻايل نياز ميراڻي کي اٺن سالن بعد پوليس گرفتار ڪري ٻيون ڀيرو اي ٽي سي ڪورٽ شڪارپور ۾ پيش ڪيو ويو، ياد رھي تہ 2014ع ۾ جيڪب آباد جي دلمراد ٿاڻي تي ڊاڪٽر کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو. جنھن ۾ ٽي جوابدار بھرام عرف ڪراڙو سرڪي، جاويد ڪورائي ،نصير ڪيھر ۽ نياز ميراڻي کي جوابدار ڄاڻايو ويو ھو.