شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي نيو فوجداري پوليس ڪارروائي ڪري اغوا ٿيل 3 ڀينرن کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ٿيل 15 ورهين جي عليشه، 13 ورهين جي قرت العين  ۽ 11 ورهين جي حسيبا کي طبي معائني بعد عورتن جي  شڪايتي سيل منتقل ڪيو ويو،  عورتن جي شڪايتي سيل انچارج شگفته راجپوت ۽ نيو فوجداري پوليس نينگرين کي ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو،جتان بيان بعد  نينگرين کي وارثن حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته نينگرين جي ماءُ صفيه شاهين زال ڪوثر ثقلين 4 هٿياربندن ۽ 3 عورتن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هوءَ جهنگ پنجاب جي رهواسي آهي ۽ شڪارپور ڪنھن ڪم سان آئي هئي، هٿياربندن کين ريلوي اسٽيشن تي يرغمال بڻائي ورتو ۽ نينگرين کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.