شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ 2 ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ڪيل ھندو واپاري جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگھيو آهي، ھڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار، خبر موجب 2 ڏينهن اڳ اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد اناج منڊي واري علائقي ۾ گوپانگ برادري جي ھٿياربندن ھٿان قتل ڪيل واپاري شنڪر لعل واري واقعي جو پوليس اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو، جڏهن ته پوليس وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او اسٽورٽ گنج ٻڌايو ته مقتول جا وارث پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪري رھيا آھن، سندن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻئي طرف اي ايس پي سٽي ٻڌايو ته پوليس ڪارروائي ڪري وڌيڪ هڪ جوابدار عاشق گوپانگ کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن هندو برادري جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس ٽن ڏينهن جي مهلت ورتي آهي، قتل جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل نه ڪيو ۽ سمورا جوابدار گرفتار نه ڪيا ته ٻيهر سخت احتجاج ڪيو ويندو.