حيدرآباد(بيورو رپورٽ) شڪار پور جي ڳوٺ دائود جي وانڍ جي رهواسڻ سعديه ڌيءُ الف دين، ڪلثوم ڌيءُ محمد سليم دائود پوٽو پريس ڪلب ۾ پنهنجي مڙسن فياض ٻرڙو، نياز ٻرڙو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته سال 2017ع ۾ والدين پاران ڪنن کان ٻوڙي ڇوڪرن سان شاديون پئي ڪرايون، انڪار ڪرڻ تي کين تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو تشدد کان تنگ ٿي گهران نڪري درگاهه سيوهڻ شريف پهتيون جتي ڪو سهارو نه هجڻ سبب اتان نڪري قمبر ۾ واقع درگاهه سيد حسين شاهه تي پهتيون، جتي درگاهه جي سيڪيورٽي گارڊ علي اڪبر ٻرڙو کي پناهه ڏيڻ لاءِ چيو جنهن تي سيڪيورٽي گارڊ ڪجهه ڏينهن پناهه ڏيڻ بعد کين پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ زور ڀريو، پر اسان کيس گهران نه ڪڍڻ ۽ چڱي گهر ۾ شادي ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو، جنهن بعد هن سندن شادي پنهنجي پٽن سان ڪرائي ڇڏي. هنن چيو ته ڪجهه عرصو گذرڻ بعد معاملي جي ڄاڻ ملڻ تي والدين سندن مڙسن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي مڙس جي مائٽن ٻن عورتن سميت 8 ماڻهن کي گرفتار ڪرائي گم ڪري ڇڏيو آهي جن جي بازبابي لاءِ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي، هنن چيو ته والدين پاران ڪوڙو ڪيس ۽ پوليس پاران گرفتاريون ڪرڻ سبب مڙسن سميت هو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيون آهن جڏهن ته هو پنهنجي گهر ۾ ٻارن سان خوش زندگي پيون گذارين. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايس ايس پي شڪارپور، ايس ايس پي قمبر شهداد ڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندن ساهري خاندان جي گرفتار مائٽن کي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.