گهوٽڪي (رپورٽر) پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي گهوٽڪي پوليس مٿان حراسان ڪرڻ جي الزام تحت عدالت ۾ پوليس خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت گهوٽڪي پوليس کان 17 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو. شڪارپور شهر جي رهواسڻ ناري ڪائنات دايو پنهنجي مڙس گهوٽڪي واسي نوجوان زبير احمد ڀيو سان ٽائيم نيوز آفيس پهچي وارثن ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو. ناري ڪائنات جو چوڻ هو ته مرضي موجب زبير ڀيو سان عدالت ۾ نڪاح ڪيو، جنهن کان پوءِ وارث جان جا دشمن بڻجي مارڻ چاهين ٿا. ناري ڪائنات دايو پنهنجي وڪيل ارشاد علي سومرو معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  گهوٽڪي جي عدالت ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته رشتيدار ڊاڪٽر شير دايو، ذوالفقار دايو، عباس علي، عرفان ۽ فرمان دايو جي چوڻ تي گهوٽڪي پوليس حراسان ڪري رهي آهي. عدالت سڳوري کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. گهوٽڪيءَ جي عدالت ناري ڪائنات جي جي اهڙي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڊي ايس پي گهوٽڪي، ايس ايچ او اي سيڪشن، بي سيڪشن کي نوٽيس جاري ڪندي 17 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.