سيٺارجا (ن پ ا) سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ گاهي خان چاڪراڻيءَ ۾ گهر تي حملو، ننڊ پيل جوڙي مٿان فائرنگ، پسند  جي شادي ڪندڙ شڪارپور واسي همٿ علي ابڙو مارجي ويو، جڏھن ته سندس گهرواري سخت زخمي ٿي پئي. تفصيل موجب سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات دير سان سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ گاهي خان چاڪراڻيءَ ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 10 سال اڳ پسند جي شادي ڪندڙ 40 ورهين جي همت علي ابڙو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. حملي ۾ مقتول جي گهرواري خورشيد ابڙو پڻ سخت زخمي ٿي پئي. اطلاع تي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت ۽ مقتول نوجوان جو لاش کڻائي  ٺري ميرواهه تعلقي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمي عورت خورشيد ابڙو ٻڌايو ته هن 10 سال اڳ همت علي ابڙو سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن تان منهنجا ڀائر ناراض هئا، جن رات جو دير سان گهر تي حملو ڪري منهنجي مڙس کي  قتل ڪيو آھي. جوڙي کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي. ٻئي پاسي سيٺارجا پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو پسند جي شاديءَ تان واقعو پيش آيو  آھي. زال مڙس اصل شڪارپور جي ڳوٺ محمد صادق ابڙو جا رهواسي هئا، عورت جي مائٽن جي خوف سبب گذريل ڏھن سالن کان هتي اچي ويٺا هئا. جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس پارٽي رواني ڪئي وئي آھي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي مقتول همت علي جو مڙھ ڳوٺ گاهي خان چاڪراڻيءَ جي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.