شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور شهر جي اول شاھ پڌر جي رهواسي ڪاشف علي سومرو پنھنجي معصوم نياڻي سان گڏجي پريس ڪلب پهچي بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، نوجوان پاڻ مٿان پيٽرول هاري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اتي موجود صحافين ۽ ٻين کيس بچائي ورتو، ان موقعي تي   ڪاشف علي سومرو ٻڌايو ته 2 سال اڳ مون پنهنجي پاڙيسري  کي ڪاروبار جي لاء 19 لک رپيا روڪ رقم ڏنا هئا، ڪجھ مهينا گذرڻ بعد ڪاروبار ۾ فائدو نه هجڻ جو چئي واڙو بند ڪيو ويو، هاڻ بااثر پئسا واپس نه پيو ڪري ۽ شهر مان فرار ٿي ويوآهي، مونکي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مونکي پئسا واپس ڪرائي ڏنا وڃن.