شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ گذريل رات دير سان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهران سڏي قتل ٿيل نوجوان نثار چانڊيو جو ڪيس مقتول جي پيءُ غلام حيدر چانڊيو جي فرياد تي لکيدر ٿاڻي تي جوابدار فرمان چانڊيو ۽ ٻن نامعلومن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. واضح رهي ته شاهي باغ واري علائقي بيگاري روڊ تي گذريل رات دير سان سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن نوجوان نثار چانڊيو کي قتل ڪيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن.