شڪارپور ميونسپل جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ پ پ ۾ لابنگ شروع

0
354
شڪارپور ميونسپل جي

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي ۾ شڪارپور ميونسپل جي 30 مان 28 وارڊن تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي آھي.23 وارڊن تي صوبائي وزير امتياز شيخ سان ۽ مقبول شيخ سان واڳيل 23 ڪائونسلر چونڊجي آيا آھن، جڏھن ته پ پ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي سان واڳيل پ پ جو ھڪ ڪائونسلر، پ پ جي ضلعي صدر ۽ وفاقي وزير عابد حسين ڀيو ۽ مير بابل ڀيو سان واڳيل 1 ڪائونسلر، پ پ سٽي جي صدر عقيل عباس  سومرو سان واڳيل پ پ جا 3 ڪائونسلر  چونڊجي آيا آھن

جڏھن ته جي يو آءِ جا کٽيندڙ 2 ڪائونسلر پڻ شامل آھن، ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور ۾ پيپلز پارٽي 27 سيٽون حاصل ڪري واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ باوجود چيئرمين آڻڻ واري فيصلي ۾ ڏکيائين کي منھن ڏيڻ لڳي آھي، صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ۽ سندس جو ڀاء مقبول احمد شيخ پنھنجي لابي جي 23 ڪائونسلرن جي چونڊجڻ بعد ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شپ کي پنھنجو حق سمجھي حاصل ڪرڻ لاءِ اعلي قيادت سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آھن، صوبائي وزير امتياز شيخ پنھنجي ڀائٽي فياض محمود شيخ  کي چيئرمين چونڊرائڻ لاءِ ننھن چوٽي جا زور ڏيڻ شروع ڪري ڏنا آھن

پ پ جي ضلعي، وفاقي وزير عابد حسين ڀيو، اڳوڻو ايم پي اي بابل ڀيو، پ پ کي جھونو ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي جي گڏيل ساٿ سان ايڊووڪيٽ عقيل عباس سومرو کي شھر جو چيئرمين بڻائڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳا آھن، اھم ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته گذريل ڏينھن پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي  مرڪزي صدر فريال ٽالپور سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صدر بابل خان ڀيو ڪراچي بلاول هائوس تي ملاقات شڪارپور ضلعي جي سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي آھي

ذريعن وٽان اھو معلوم ٿيو آھي ته پ پ طرفان شڪارپور ضلعي  ڪائونسل جي چيئرمين لاء شعاب خان ڀيو ۽ ميونسپل ڪميٽي لاء عقيل عباس سومرو، مدئجي ٽائون لاء نجف ڪماريو، چڪ تي نويد مھر ۽ رستم لاء ڪامران مھر جا نالا فائنل ڪيا ويا آھن، ان سموري لابنگ ۾ پ پ جي جھوني اڳواڻ ۽ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي جي راءِ ۽ موقف وڏي اھميت اختيار ڪري وئي آھي، ذريعن موجب پارٽي ۾ گھڻي ڌڙا بندي ۽ لابنگ ٿيڻ ڪري جھوني سياستدان آفتاب شعبان ميراڻي جنھن ڌر جي حمايت ڪندو انھيءَ کي ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي چيئرمين شپ آساني سان ملي سگھي ٿي