شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ رستم موڙ تي 8 مھينا اڳ گوليون ھڻي قتل ڪيل ذوالفقار آرائين جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي مقتول جي وارثن انور آرائين ۽ ٻين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن دالت ۾ جوابدارن غلام رسول، غلام النبي، مرتضيٰ ۽ عبدالنبي آرائين جي نشاندهي ڪندي دانھيو، جنھن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏھن شڪارپور ۾ مقرر ڪيل ڊي ايس پي مقتول ذوالفقار آرائين جا قاتل گرفتار نٿو ڪري سگھي ته آءِ جي سنڌ ٻئي ضلعي جا آفيسر مقرر ڪري ته جيئن مقتول جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن، ٻڌڻي دوران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج چيو ته آخر مقتول جا قاتل ڇو گرفتار نٿا ڪيا وڃن، عدالت بعد ۾ ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.