شڪارپور (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ جي عدالت منشيات بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، 4 مھينا اڳ ميان صاحب پوليس علي رضا شيخ  کي پڪڙي کائنس 3 ڪلو چرس برآمد ڪيو ھو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ  جوابدار علي رضا پٽ محمد بچل شيخ کي 3 ڪلو چرس برآمد ٿيڻ جي ڏوهه ۾ گناهه نمبر 2022/B تحت 5 سال 6 مھينا قيد ۽ 25 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي، جوابدار ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ 5 مهينا وڌيڪ سزا ڪاٽيندو.