شڪارپور ضلعي جي 17 ٿاڻن تي سپاهي ۽ اي ايس آئيز ايس ايڇ او مقرر هجڻ جو انڪشاف

0
267

مدئجي (رپورٽ: سڪندر راھوجو) شڪارپور ضلعي جي 17 ٿاڻن تي سپاهي ۽ اي ايس آئيز ايس ايڇ او مقرر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، شڪارپور ضلعي جي 17 ٿاڻن تي  سپاهي ۽ اي ايس آئيز ايس ايڇ او  مقرر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ان سلسلي ۾ خبر پئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ابتڙ  مقامي سپاهي ۽ اي ايس آئيز ساڳئي  ضلعي ۾ ايس ايڇ او مقرر ٿيل آهن

سب ڊويزن مدئجي، سب ڊويزن تاجوديرو،  سب ڊويزن جهلي ڪلواڙي جا اڪثر  ٿاڻا اي ايس آءِ ۽ سپاهين حوالي ٿيل آهن، پوليس ذريعن موجب ڪچي جي اڪثر ٿاڻن تي پوليس موبائيلون ئي ناهن

ذريعن موجب ايس ايڇ او مقرر اي ايس آئيز ۾ شمشاد  ابڙو، غلام نبي ککراڻي، سانول ميراڻي،  لياقت مڱڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن، سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت مقامي  پوليس عملدارن کي ساڳئي ضلعي اندر  ايس ايڇ او مقرر نٿو ڪري سگهجي

هي به پڙهندا

ڪوٽڙي ۾ بند پيل ڪارخاني تي پوليس جو ڇاپو، 5 ڪروڙ رپين جي ماليت جي منشيات هٿ