شڪارپور ضلعي جي 15 يوسيز جون پولنگ اسٽيشنز تبديل: اين پي پي ۽ جي يو آءِ جو احتجاج

0
133
شڪارپور ضلعي جي 15

شڪارپور(رپورٽر) ضلعي جي 15 يونين ڪاؤنسلز جون پولنگ اسٽيشنز ٻي ھنڌ منتقل، اين پي پي ۽ جي يو آءِ پاران اليڪشن آفيس آڏو احتجاج، تفصيل موجب: ضلعي جي 15 يونين ڪائونسلز جون پولنگ اسٽيشنز ٻي ھنڌ منتقل ڪرڻ خلاف اين پي پي ۽ جي يو آءِ پاران مولانا غلام قادر ۽ امير علي جتوئي جي اڳواڻي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي آر او شڪارپور حڪومتي ڌر بڻجي مختلف يونين ڪائونسلن جون 15 کان مٿي پولنگ اسٽيشن جي جڳھ تبديل ڪري اميدوارن جي گھر ۾ رکيون آھن، جنھن سان خدشو آهي ته حڪومتي ڌر جا اميدوار ڌانڌلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ پولنگ اسٽيشنن تي جھيڙي جو به خدشو آهي

ھنن الزام ھنيو ته ڊي آر او حڪومتي ڌر جي حڪمن تي ھلي رھيو آھي جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪيو ويندو، اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته پولنگ اسٽيشن کي پنھنجي پراڻي جڳھ تي واپس ڪيو وڃي ۽ ڊي آر او شڪارپور کي تبديل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ھوڏانھن نيشنل پيپلز پارٽي ۽ جي يو آئي ڊي آر او شڪارپور کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر وٽ لکت ۾ درخواست به جمع ڪرائي ڇڏي آھي