شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ويجهو شر ۽ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو، فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل، ھڪ زخمي، پوليس ۾ حدبندي جو تڪرار، ٻن ڪلاڪن بعد پهتي، قتول جي وارثن جو ڌرڻو، ٽريفڪ معطل. خبر موجب شڪارپور جي رائيس واهه ويجھو شر ۽ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ 20 جريب زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 55 سالن جو مير محمد بنگلاڻي مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو رسول بخش بنگلاڻي زخمي ٿي پيو، جھيڙي دوران ڀرپاسي جا ماڻھو پوليس کي فون ڪندا رھيا پر پوليس نه پھتي، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ نيو فوجداري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو مڙهه ۽ زخمي کي شڪارپور جي آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارثن چاڪر ۽ علي گوھر بنگلاڻي ٻڌايو ته ھو خانپور جا رھواسي آھن، ھنن شر برادري کان ھڪ ڪروڙ 60 لک رپيا ڏيئي 20 جريب زمين خريد ڪئي ھئي، جنھن تي ھو گذريل ڏينھن لڏي اچي ويٺا ته شر برادري جي ھٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، لوڊرا ۽ نيوفوجداري ٿاڻي جي پوليس وچ ۾ حد بندي جي تڪرار سبب جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي، جنهن بعد مقتول جي وارثن احتجاج ڪري جيڪب آباد شڪارپور روڊ تي ڌرڻو ھنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، بعد ۾ پوليس ڳالھيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. ھوڏانھن شڪارپور پوليس نقشا گھرائي حد بندي واضح ڪئي ته واقعو نيو فوجداري ٿاڻي جي حد جو نڪتو، جنهن بعد پوليس ڳوٺ ڪلر تي ڪڙو چاڙھي 9 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.