شڪارپور(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ پاران متاثرن جي بحالي ۽ سھولتن جي جائزي لاءِ مقرر سٽيزن ڪاميٽي بينظير بستي جو اوچتو دورو ڪيو، ڪاميٽي جو سربراھ ففٿ سول جج عبدالحفيظ چاچڙ چيو ته ٻوڏ متاثرن کي اسڪولن ۽ روڊن تان منتقل ڪري کين ٽينٽ سٽيز ۾ آباد ڪيو وڃي، ھن چيو ته متاثرن کي ٽينٽ، راشن، دوائون، علاج جي سھولت پيئڻ جي پاڻي جي سھولت جلد فراھم ڪئي وڃي، سول جج ان موقعي تي چمڙي جي ٻن مريض ٻارن کي آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو، ڪاميٽي جي سربراھ کي  اسسٽنٽ ڪمشنر آصف رضا چانڊيو ۽ ايجوڪيشن فوڪل پرسن صفدر امير پھوڙ ٻڌايو ته ھن وقت تائين ٽينٽ سٽي ۾ ٻاونجاھ ٽينٽ آھن ۽ پنجويھ  خاندان مقيم آھن جلد سئو ٽينٽ مڪمل ڪري لڳايا ويندا.