شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي لطيف شاهه محلي واسي پراپرٽي ڊيلر حاجي شعيب احمد ڀٽو صبح سان سحري لاء شڪارپور جي مقامي هوٽل تي ويو ته واپس نه آيو. ، ان حوالي سان سندس وارثن ٻڌايو ته صبح سوير گهران اهو چئي نڪتو هيو ته دوستن پاران مقامي هوٽل تي سحري جي دعوت آهي جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ وڃان پيو جنهن بعد ڪافي ٽائيم گذرڻ باوجود جڏهن واپس نه ٿيو ته موبائل تي رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس جو نمبر بند اچي رهيو هيو ۽ هوٽل ۾ لڳل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ هو ڪٿي به نظر ڪونه آيو جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڏنوسين پوليس گاڏي ۾ لڳل ٽريڪر جي مدد سان گاڏي جي لوڪيشن معلوم ڪئي جيڪا  لکي غلام شاهه ٿاڻي جي ڀرسان ظاهر  ٿي جنهن بعد پوليس ساڻ ڪري لوڪيشن واري جاءِ تي وياسين ته گاڏي ۽ سندس موبائل ۽ ٻيو سامان مليو جنهن بعد اسان کي اغوا جو شڪ ٿيو آهي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چيو ته واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون جلد ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.