شڪارپور (رپورٽر) ڏوھارين خلاف آپريشن شروع نه ٿي سگھيو، پوليس ٻڌتر جو شڪار، شڪارپور جا مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد، پوليس ڳڙھي تيغو ۾ موجود، تيغاڻي هائوس تي مورچا قائم ڪري ورتا، تيغاڻي چڱي مڙس جو چوڻ آهي ته پوليس غير قانوني مورچا قائم ڪيا آهن، خبر موجب ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ پوليس اڃا تائين ڏوهارين خلاف آپريشن شروع نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي هن وقت تائين خانپور ۽ لکي غلام شاه مان اغوا ٿيل 8 مغوين کي بازياب ڪرائي سگهي آهي. گذريل ڏينھن پوليس ڳڙھي تيغو ۾ تيغو خان تيغاڻي جي گهر سميت پوليس پڪٽ ۽ سکر ۽ ٽوري بند سان مورچا قائم ڪري ورتا آھن، ان سلسلي ۾ تيغو خان تيغاڻي جي ڀاءُ نثار احمد تيغاڻي چيو آھي ته پوليس سياسي وانگار وهندي اسان سان زيادتي ڪري رهي آھي، تيغاڻي هائوس تي غير قانوني مورچا قائم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته تيغو خان تيغاڻي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن بابت اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڏوهارين جا سهولتڪار هجون ها ته ايس ايس پي شڪارپور ۽ ايس ايس پي ڪشمور تيغو خان تيغاڻي کي امن ايوارڊ ڇو ڏين ها، هن چيو ته پوليس جو آپريشن رڳو ڍونگ آھي، پوليس ڏوهارين ڏانهن وڃڻ بدران پوليس پڪٽ ڳڙھي تيغو تائين محدود آھي.