اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس دوران ايف بي آر اختيارين ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿيندي، هلندڙ مهيني جي آخر ۾ حالتون بهتر ٿينديون، پي اي سي چيئرمين چيو ته سرحدن تان شين سان گڏ ڊالر جي به اسمنگلنگ وڌي رهي آھي، ڪسٽم اسمنگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڇا ڪري رهيو آھي، ميمبر ڪسٽم چيو ته اسمگلنگ بلوچستان جي چاغي واري رستي کان ٿي رهي آھي، ڪاروائي ڪيون ٿا ته حملا ٿين ٿا،  چيئرمين ٻڌايو ته  ڪسٽمز  فيبروري 2023 تائين 38 ارب رپين جي اسمگلنگ ٿيل شيون قبضي ۾ ورتيون آھن، ميمبر ڪسٽم چيو ته ڊالر جي اسمنگلنگ جي واويلا وڌيڪ ڪئي پئي وڃي، صورتحال ايتري ڳنڀير نه آھي، ڪير 5 هزار ، ڪو 6 هزار، ڊالر کڻي وڃي ٿو،  ڪسٽم سال ۾ 45 لک ڊالر ماليت جي غير ملڪي ڪرنسي جي اسمگلنگ روڪي آھي.