شينهن جهنگ جي مينهن کي ڏسي وڻ تي چڙهي ويو

0
382

نيروبي(دلچسپ نيوز) شينهن جهنگ جي مينهن کي ڏسي وڻ تي چڙهي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آفريڪي ملڪ ڪينيا ۾ جهنگ جي بادشاهه سان انوکو واقعو پيش آيو، شينهن جهنگ ۾ پنهنجي 4 ساٿين سان گڏجي شڪارڪري رهيوهو ته اوچتو جهنگلي مينهن جو وڏو قافلو پهچي ويو جنهن بعد 4 ئي ساٿي شينهن کي ڇڏي فرار ٿي ويا جڏهن ته شينهن خوفناڪ صورتحال ڏسي پاڻ بچائڻ لاءِ وڻ تي چڙهي ويو، لاڳيتو هڪ ڪلاڪ تائين شينهن کي وڻ تي ئي رهڻو پئجي ويو ڇاڪاڻ ته مينهون وڻ جي چوڌاري گهمي رهيون هيون. هڪ ڪلاڪ بعد مينهون واپس هليون ويون، مينهن جي واپسي بعد شينهن به سک جو ساهه کنيو جڏهن ته شينهن جي وڻ تي چڙهي پاڻ بچائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.