شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
180

لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ  ۾ شيرين مزاري  جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي

عدالت شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته شيرين مزاري ڊپٽي ڪمشنر آڏو حلفي بيان ڏئي ته هوءَ آئينده اهڙين سرگرمين ۾ شامل نه ٿيندي

واضح رهي ته ان کان اڳ به عدالت شيرين مزاري کي جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر پي ٽي آءِ اڳواڻ جيئن ئي جيل مان آزاد ٿي ته لاهور پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪيو هو