اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ کان پوءِ ان جي جاءِ تي پي ٽي آءِ جي پرائرٽي لسٽ ۾ شامل آسيه عظيم کي قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪالهه باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن  به جاري ڪيو ويو آهي.