شيخ ڀرڪيو( ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ويجهو چار مهينا اڳ پراسرار نموني فوت ٿيل مير لائق ٽالپر جي عدالتي حڪم تي قبرڪشائي ڪري جزا ورتا ويا  خبر موجب شيخ ڀرڪيو ويجهو پٻڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دريا خان ٽالپر جي رهواسي 48 ورهين  جي شخص مير لائق ٽالپر جو  8 جون تي گهوٽاڻو شاخ مان  مبينا طور مئل حالت ۾ هٿ آيو هو جنهن جي پهرين اتفاقي موت ڏيکاري پوسٽ مارٽم نه ڪرائي وئي جنهن کانپوء  سندس سئوٽ واحد بخش ٽالپر کي مير لائق ٽالپر کي قتل جو شڪ ظاهر ٿيو جنهن تي مقتول جي سئوٽ مير واحد بخش ٽالپر  سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾  پرويز مدواڻي ۽ جانو عرف جان محمد ٽالپر ارباب ٽالپر منٺار ٽالپر معشوق ٽالپر سميت ٻن نامعلوم  جوابدارن خلاف مير لائق کي قتل  ۾ ملوٽ ڏيکاري  ڪيس داخل ڪرڻ لا پٽيشن داخل  ڪرائي جنهن تي جوابدارن خلاف پٻڻ ٿاڻي تي مير واحد بخش ٽالپر جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس  ارباب ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو سندس سئو واحد بخش ٽالپر پاران سيشن ڪورٽ ۾  قبر ڪشائي ۽ فوتي جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لا درخواست داخل ڪرائي هئي. ڪالهه سينئير سول جج جوڊيشنل مئيجسٽريٽ آصف جتوئي جي سربرهائي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم  سان گڏ ڳوٺ دريا خان ٽالپر  پهچي قبر ڪشائي ڪئي.