شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ فقير محمد خشڪ ۾  25ورهين جي بلاول خشڪ گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو اطلاح تي شيخ ڀرڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال ٽنڊو محمد خان منتقل ڪيو جتان ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو رابطو ڪرڻ تي شيخ ڀرڪيو پوليس ٻڌايو ته  وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو دماغي توازن درست نه هو جنهن جو علاج هلندڙ هو اڄ هن انتهائي قدم کڻندي خودڪشي ڪئي آهي