شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو۾ روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ کوکر شاخ ۾ پاڻي کوٽ جي خلاف پوڇڙ جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو  ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بند  ڪري ڏيو. آبادگارن  غلام مصطفي لغاري، مرتضيٰ لغاري، محمد حسن ٿهيم انور ٿهيم محمد حنيف لغاري عبدالرزاق ٿهيم  ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جون زمينون بنجر ٿي ويون آهن، آبپاشي عملدار پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪريو ٿا ڇڏين، پوڇڙ جون زمينون سڪي رهون آهن.  پوڇڙ تائين پاڻي نٿو ڏنو پهچي اسان جا پوکيل فصل سڪي رهيا آهن. لکين  روپيه قرض کڻي ٻنيون پوکيون آهن  جيڪي سڪي تباهه ٿي رهيون آهن. ٻئي پاسي ٻن ڪلاڪن کان شيخ ڀرڪيو ٽنڊوالهيار روڊ بند هئڻ ڪري  سوين گاڏيون ٻنهي پاسن کان بيهي ويون .آبادگارن جو چوڻ هو ته اسان جو مسئلو حل نه ٿيو ته سڀاڻي کيسانه موري تي روڊ ڪري بند احتجاج ڪيو ويندو .آبادگارن ٻن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او سلطان نارائي کي هٽائي اسان پوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي.