شيخ ڀرڪيو( ن پ ا) سيشن ڪورٽ ٽنڊو محمد خان منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ ۽ بنا جواز تنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ ڳوٺاڻي جي درخواست تي ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو رياض بجاراڻي ۽ ٻين خلاف ايف آء آر درج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ان ڏس ۾  موجب ٽنڊو محمد خان جي سيشن ڪورٽ ۾  شفقت علي بروهي پنهنجي وڪيل مظفر بروهي معرفت درخواست داخلا ڪرائي ته ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو  منشيات فروشن جي چرچ تي گهرن تي چڙهائي ڪري حراسان ڪري رهيو آهي سيشن ڪورٽ فيصلو ڏيندي ايس ايڇ او رياض بجاراڻي زاهد تيغاڻي اهلڪار اشرف ملاح ۽ ٻين خلاف ايف آء آر درج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي رابطو ڪرڻ تي وڪيل مظفر حسين بروهي چيو ته آرڊر موڪليو آهي ايس ايڇ او ۽ ٻين خلاف اڄ ئي ايف آء آر درج ڪرائي ويندي