شيخ ڀرڪيو( ن پ ا)  شيخ ڀرڪيو ۾ مقامي زميندار گهر ڀاتين سميت يرغمال هٿياربند لکين روپيه ٻهاري ويا. ان ڏس ۾ نامعلوم هٿياربند مقامي زميندار بشير بروهي جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر ۾ پيل روڪ رقم ڏھ لک روپيه ٻه موٽرسائيڪلون ٽي ٽچ موبائلن سميت قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا اطلاح تي شيخ ڀرڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته سال اڳ به هٿياربندن گهر ڀاتين کي يرغمال لکين روپيه ڦر ڪري ويا هئا وري ٻيهر به گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي مٿن تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي هن ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي