شيخ ڀرڪيو ( ن پ ا) صحافي ۽ نجي اخبار جي سب ايڊيٽر مدثر نظر زئور کي شيخ ڀرڪيو ايندي پٻڻ ٿاڻي جي حد ۾ ويگو سوار نامعلوم هٿياربند بس مان لاهي کڻي ويا،  صحافي کنڀجڻ جي خبر اليڪٽرانڪ توڙي  سوشل ميڊيا تي هلڻ بعد مدثر نظر زنئور ڊرامي انداز ۾ گهر پهتو، رابطو ڪرڻ تي مدثر نظر زنئور ٻڌايو ته کيس حيدرآباد جي اسپيشل فورس جي پوليس بس مان لاهي کڻي وئي هئي،  بعد ۾ حيدرآباد ٻاهران ڇڏيو ويو، هن چيو ته پوليس چيو ته اوهان کي غلطي ۾ کڻي آيا آهيون، صحافي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي.