شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ محمد لائق لغاري ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ٽيپ بال ڪرڪيٽ  ٽورنامينٽ  هاليپوٽه اليون کٽي ورتو. شيخ ڀرڪيو. هاليپوٽه ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 107رنز ٺاهيون. ٽنگڙي اليون 88 رنسز تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي. هاليپوٽه اليون ميچ 19رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي. بهترين بالنگ ڪرائڻ تي نعيم کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. جڏهن ته مهمان خاص ايڊووڪيٽ جي ايم لغاري رنر ۽ ونر ٽيمن جي رانديگرن وچ ۾ انعام ورهايا.