ڪراچي (م ڊ) پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته شيخ نهيان بن زائد پنهنجي ٽرسٽ ذريعي اسان کي خيما ڏنا، خيمن سان سنڌ حڪومت جو ڪوبه واسطو نه آهي، اسان کي ذاتي واسطن جي بنياد تي هڪ هفتي کان مرحليوار خيما ملي رهيا آهن، ڪالهه 500 خيما وڌيڪ آيا ته واري واري سان ورهائڻ لاءِ گودام ۾ رکي ڇڏيا هئا، سڀاڻي سول جج وٽ پيش ٿينداسين ۽ خيما ڏيندڙ ٽرسٽ وارا به رسيدون کڻي پهچندا.