اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ به سافٽ ويئر اپڊيٽ جو پڙاڏو رهيو اجلاس ۾ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي، نواز ليگ ميمبر پي اي سي پاران وزارت مواصلات جي عملدارن جي تعريف ڪئي، شيخ روحيل اصغر چيو ته منهنجو سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿي ويو آهي ان لاءِ تعريف ڪري رهيو آهيان هنن منهنجي علائقي ۾ هڪ روڊ ٺاهيو آهي ان ڪري هنن جي تعريف ته ٺهي ٿي، شيخ روحيل اصغر جي جملي تي ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد چيو ته سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿيندو ناهي پر ڪيو ويندو آهي، نزهت پٺاڻ چيو ته شيخ روحيل اصغر سافٽ ويئر شايد پاڻ اپڊيٽ ڪرائي آيو آهي.