شيخ رشيد جو رمانڊ منظور: عمران خان کي زهر ڏئي مارڻ جو خدشو ظاهر

0
210
آصف زرداري خلاف نفرت

اسلام آباد جي عدالت آصف زرداري خلاف نفرت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار شيخ رشيد جو ٻن ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو


اسلام آباد پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي
پوليس جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد نشي ۾ ڌُت هو، هن وٽان شراب جي بوتل، ايم فور رائيفل، ڪلاشنڪوف ۽ آٽوميٽڪ گن به هٿ ڪئي وئي
پوليس موجب شيخ رشيد کي پ پ اڳواڻ راجا عنايت الرحمان جي فرياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر موجب شيخ رشيد آصف زرداري تي دهشتگرد تنظيم کي پئسا ڏيڻ جا الزام هڻي سندس خلاف نفرت ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي
شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ يا گرفتار ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، منهنجو تجزيو آهي ته عمران خان کي زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي، ڀلي 10 سال قيد جي سزا ملي پر سگار هٿ ۾ هوندو

هن کي به پڙهندا

اسلام آباد پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪري ورتو

شيخ رشيد جي گرفتاري: اسان کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي:عمران خان