لاهور(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي 21 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي. ايف بي آر لاهور طرفان شيخ رشيد کي طلبي جو نوٽيس به موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شيخ رشيد پاڻ يا وڪيل جي معرفت پيش ٿئي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته شيخ رشيد کي اڪائونٽن بابت ڪاغذ پاڻ سان گڏ کڻي اچي هدايت ڪجي ٿي ۽ کانئس پهرين جولاءِ 2020ع کان 30 جون 2022ع تائين جو ٽيڪس رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي.