شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروهي) سنڌي ادبي سنگت شڪارپور پاران پريس ڪلب ۾ سنڌ جي مھان قوي شاعر شيخ اياز جي سئو سالا جنم ڏينھن جي مناسبت سان سالگرھ جي ڪيڪ ڪٽڻ بعد ھڪ  تقريب منعقد ڪئي وئي، ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، ممتاز منگي، زبير سومرو، سجاد مھر، ھمير چانڊيو، انور سومرو، آدرش، حسام ميمڻ،  نادر بلوچ سميت اديبن، شاعرن وڏي انگ ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪري سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽڻ بعد شيخ اياز کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي مقررن چيو ته شيخ اياز جديد شاعري جو باني شاعر ھو، جنھن پنھنجي لفظن ۾ شاعري جي نئين رخن رجحانن ۽ صنفن کي متعارف ڪرايو، ھنن چيو ته شيخ اياز شاعري ذريعي ديس جي دردن، ماروئڙن جي تڪليفن، سونھن، مزاحمت ۽ انقلابي سوچ کي بيان ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته شيخ اياز سنڌي شاعري جو هماليا آھي جنھن  سنڌي شاعري ۽ سنڌي ادب کي ترقي پسند سوچ، سنڌيت وارو فڪر ۽ لازوال تخليقون ڏيئي تاريخ ۾ زندھ ڪري ڇڏيو، ھنن چيو ته شيخ اياز حُسن، ماڻھپي، علم، درد ۽ سنڌ جي سونهن جو شاعر هو جنهن شاعري جي هر صنف تي طب آزمائي ڪئي جنھن ۾ ھن ڌرتي جي دانھن بڻجي سچ جو ساٿ ڏنو، جتي شيخ اياز ڪوڙ ڏاڍ ظلم ۽ ناانصافين خلاف آواز اٿاريو اتي ھن فطرتي سونھن جي نازڪ رنگن روپن ۽ اندازن کي به شاعري جو روپ ڏنو ،اديبن چيو  ته شيخ اياز سنڌ جي جديد تاريخ جو اھڙو ماڻڪ ۽ موتي آھي جنھن جي شاعري صدين تائين سنڌ واسين جي رھنمائي ڪندي رھندي، تقريب جي آخر ۾ شيخ اياز جي شاعري پڻ ڳائي وئي.