شيخوپوره ۾ زال مڙس ۽ ٻن ڌيئرن جا ڪار مان لاش هٿ

0
174
شيخوپوره ۾ زال مڙس

ڪراچي(م ڊ) پنجاب جي علائقي شيخوپوره جي تعلقي فيروز والا ۾ هڪ ڪار مان زال مڙس ۽ سندن ٻن ڌيئرن جا لاش هٿ آيا آهن، پوليس موجب فيروز والا جي ڳوٺ اٽڪ اعواڻ جي رهواسي شاهنواز، سندس زال زينب، ٻن ڌيئرن 4 ورهين جي هانيه ۽ 2 ورهين جي حورين جا لاش ڪار مان مليا، جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي کي ٻاهران ڪٿان به گولي لڳڻ جا نشان نه آهي، جڏهن ته اندر گولين جا نشان مليا، ايس پي انويسٽيگيشن ناصر باجوا جو چوڻ آهي ته خودڪشي ۽ قتل جي انڪوائري جي جاچ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، پوليس ۽ فرانزڪ ٽيمن شاهديون گڏ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا

ٻئي طرف هڪ ئي ڪٽنب جا 4 لاش ڏسي وارثن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي ۽ وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار به واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو