ڄام شورو (رپورٽر) نامياري ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شورو جي پهرين  ورسي جي موقعي تي  سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته شوڪت حسين شورو حقيقت نگار ڪهاڻيڪار هو. ان جي تخليق کي دل سان پڙهڻ گهرجي تي  سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته هن هند ۽ سنڌ جي اديبن جي وچ ۾ پُل وارو ڪردار ادا ڪيو. شوڪت حسين شورو خاموش طبيعت ۽ گهڻو ڪم ڪرڻ وارو ماڻهوهو، سندس ڪم نهايت منفرد هو. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته هن کي گُل ڦُل رسالي جو پهرين ايڊيٽر هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. شوڪت حسين شورو جديد سنڌي ڪهاڻي ۽ ڊرامي جو بانيڪار ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو.سندس سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن کي جيترو ياد ڪجي گهٽ آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ جي هدايتن تي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورش سيد سڪندر علي شاهه، ايڊيشنل سيڪريٽري ادي گلبدن جاويد مرزا، اياز سومرو، سيد مير علي شاهه ، ڄام سپڙ رونجهو ۽ ٻين عملدارن شوڪت حسين شورو جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ايصال ثواب لاءِ فاتحه پڙهي.