اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آءِ ايم ايف کان قرض جي فراهمي واري مامري ۾ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اڳوڻو ناڻي وزير شوڪت ترين ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيو، اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ناڻي وزيرن سان فون تي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ بابت آڊيو سامهون آئي هئي، ٻئي نوٽيس تي ڪالهه شوڪت ترين ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ ۾ انڪوائري ڪاميٽي سامهون پيش ٿيو، انڪوائري دوران ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد اياز ۽ انڪوائري آفيسر منيب احمد اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين کان مختلف سوال ڪيا، ذريعن مطابق شوڪت ترين انڪوائري ٽيم کي سوالن جا واضح جواب ڏئي مطمئن نه ڪري سگهيو، ذريعن مطابق شوڪت ترين موقف اختيار ڪيو ته لکت ۾ سوال کڻي وڃان ٿو وڪيل سان مشورو ڪري جواب ڏيندس، شوڪت ترين کي 20 جي لڳ ڀڳ سوالن تي ٻڌل سوالنامو ڏنو ويو آهي، کيس ٻيهر طلب ڪيو ويندو. شوڪت ترين انڪوائري ڪاميٽي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ شام 5 وڳي ڌارا پهتو ان وقت ايف آءِ اي جي ٽيم آفيس مان هلي وئي هئي، شوڪت ترين جي آفيس اچڻ تي ايف آءِ اي ٽيم کي ٻيهر آفيس اچڻو پيو.