شوبز شخصيتن طرفان لاهور ۾ شاگردياڻي تي تشدد جي مذمت

0
218
شوبز شخصيتن طرفان

لاهور (شوبز نيوز) لاهور جي نجي اسڪول ۾ نشي جي عادي ڇوڪرين طرفان ساٿي شاگردياڻي تي تشدد جي واقعي تي شوبز شخصيتن طرفان ردعمل سامهون آيو آهي

واقعي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جنهن تي شوبز شخصيتن طرفان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو آهي

اداڪار احمد علي بٽ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان واقعي جو ذميوار والدين ۽ اسڪول انتظاميا کي قرار ڏيان ٿو، جن کي اندازو ناهي ته ٻار اسڪول ۽ نجي زندگي ۾ ڇا ڪري رهيا آهن، واقعي سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سوشل ميڊيا ۽ منشيات ڪيئن اسان جي نوجوان نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي

Pakistan: 4 girls torture fellow student on drugs issue at school in Lahore  | WATCH | World News – India TV

اداڪارا يشما گل به واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ائين تنگ ڪرڻ، ڇوڪريءَ کي مارڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ ڪنهن به لحاظ سان سٺو ناهي

اداڪارا ميرب علي چيو ته اها ڪِريل حرڪت آهي، اميد ته متاثر ڇوڪري کي انصاف ملندو ۽ اهي والدين جون شهزاديون جيل ۾ وقت گذارينديون. اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر پڻ لاهور جي علائقي ڊفينس جي نجي اسڪول ۾ شاگردياڻي تي تشدد جي واقعي جي مذمت ڪئي