شوبز جي ستارن حج وقت ڪڍيل فوٽن سان مقدس فرض جي ادائگي کي ياد ڪيو

0
248

ڪراچي (شوبز نيوز) سعودي عرب ۾ حج پانڌيئڙن پاران حج جا ارڪان ادا ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته هن سال به ڪورونا وائرس جي ڪري رڳو سعودي عرب ۾ رهندڙ 60 هزار ماڻهو حج ڪري رهيا آهن. ان مقدس موقعي تي پاڪستان جي ڪيترين ئي شخصيتن ۽ شوبز جي ماڻهن حج جون تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن ائين حج جون يادون تازيون ڪيون پيون وڃن. اداڪارا عائزه خان پنهنجي مڙس دانش تيمور سان گڏ مزدلفه ۾ ڪڍيل فوتو شيئر ڪندي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو. هن 2 سال اڳ 2019ع ۾ ڪيل حج جي سفر کي زندگي جو سڀ کان خوبصورت سفر قرار ڏنو. اداڪار فيروز خان به انسٽاگرام تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي حج جي سفر کي ياد ڪيو. فيروز خان جي پوسٽ مطابق هن 2019ع ۾ حج ڪيو هو. گلوڪار عاصم اظهر ڪعبت الله ۾ ڪڍيل فوٽو شيئر ڪندي مداحن سان حج جي ياد شيئر ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله هر ڪنهن کي دنيا جي هن خوبصورت ۽ مقدس جاءِ جو نظارو ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري. مشهور اينڪر ۽ ميزبان وسيم بادامي حج جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون جن ۾ هو پنهنجي والده ۽ پٽ سان گڏ ڪعبت الله ۾ نظر اچي رهيو آهي. اداڪاره روبينا اشرف به 2019ع ۾ عبايا پائي حج جي مقام ميدان عرفات تي ورتل فوٽو شيئر ڪندي ان خوبصورت سفر جي ياد تازي ڪئي. اداڪار ۽ ماڊل عمر شهزاد به ڪعبت کي ڏسڻ واري پنهنجي تصوير شيئر ڪندي حج جون مبارڪون ڏنيون.